باک پيرزادو

باک پيرزادو

باک پيرزادو

باک پيرزادو: مشھور ٽي.وي آرٽسٽ، ميزبان ۽ مصور باک پيرزاده 31 مئي 1986ع تي ڪراچيءَ ۾، مشھور ليکڪ شاهه محمد پيرزادي جي گهر ۾ جنم ورتو. ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ويزوئل اسٽڊيز ڊپارٽمينٽ مان گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ هوءَ عملي طور شوبز جي دنيا سان وابسته ٿي ۽ مختلف ٽي. وي چئنلن: PTV (هوم ۽ نئشنل)، ڌرتي نيوز، ٽائيم نيوز ۽ ڪي. ٽي. اين تي ميزبان طور ڪم ڪيو آهي. ان کان علاوه هڪ مصور طور هن يونيسيف ۽ USAID جي ريڊنگ پروگرام ۾ ڪيتريون ئي تصويرون پڻ ٺاهيون. سندس تعلق ٻلھڙيجيءَ جي مشھور علمي ادبي خاندان سان آهي. سماجي ڪارڪن ۽ اُتساهه ڏيندڙ مقرر طور ڪيترن ئي T.V پروگرامن ۾ عورتن جي خودمختياري بابت پنھنجو مؤقف ڏيندي رهي آهي. هڪ ڊريس ڊزائنر جي حيثيت ۾ ڪپڙن جي هڪ برانڊ ’ساز‘ جي مالڪ پڻ آهي. سندس شادي مشھور ليکڪ امر پيرزادي سان ٿيل آهي. سندس فن جي مڃتا طور کيس ڪجهه اوارڊ به ملي چڪا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1986.05.31  عيسوي

مشھور ٽي.وي آرٽسٽ، ميزبان ۽ مصور باک پيرزاده جو جنم 31 مئي 1986ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حيدر هروي
بهاول خان عباسي2
آدم خان مري
بنده علي خان ٽالپر
پنهل ساريو
جان محمد جمالي
ڄاموٽ سيد ذوالفقار علي شاهه
ڀڳت ارجن ڪنواڻي
سلطان محمود بيگڙو
ڊنشا دستور
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون